شيخ فاضل شاهه قريشي

شيخ، فاضل شاهه قريشي: نامور بزرگ شيخ فاضل شاهه قريشي، شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان هو. سندس جنم ملتان ۾ ٿيو ۽ اتي ئي تعليم تربيت حاصل ڪيائين. پاڻ 951هه/1544ع ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ بڪيرا شريف (موجوده ضلعو ٽنڊو الهيار) ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي غوث بهاءُ الدين جا مريد رهندا هئا. ان وقت ڪجهه ماڻهن سندس اتي ترسڻ جي مخالفت ڪئي، پر پوءِ منجهس علم ۽ فضيلت ڏسي ڪيترائي سندس مريد ٿيا. روايت آهي ته پراڻ درياهه جي ڪناري تي هڪ وڻ هوندو هو، جنهن جي ٿڙ ۾ دري وانگر سوراخ هوندو هو. شيخ بهاءُ الدين جي مريدن جو خيال هوندو هو ته ان سوراخ مان اهو ماڻهو گذري سگهي ٿو، جيڪو پاڪ ۽ باوضو هوندو. اهو وڻ شيخ بهاءُ الدين ڏانهن منسوب ڪيل هو، ان وڻ تي پوءِ مخدوم نوحرح جي مريدن قبضو ڪري ملتاني فقيرن جي تصوف کي ٽوڙي ڇڏيو. ملتاني فقيرن اها دانهن شيخ بهاءُ الدين جي درگاهه تي وڃي ڏني، جنهن بعد شيخ بهاءُ الدين زڪريا، شيخ فاضل قريشيءَ کي سنڌ موڪليو. فاضل شاهه جي بڪيرن ۾ اچڻ بعد اتي جو زميندار ارباب شير بيگ بڪيرو سندس معتقد ٿي رهيو، جنهن بعد سنڌ جي ماڻهن جو ملتان جي درگاهه سان روحاني تعلق وڌيڪ مضبوط ٿيو.
شيخ فاضل شاهه قريشيءَ، 14 رجب 976هه/ 2 جنوري 1569ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو